اسان جون يونيورسٽيون ۽ هاسٽلون آپگهات جو هنڌ ڇو بڻيل آهن: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي آخري سال جي انتهائي ذھين شاگردياڻي سيد نوشين ڪاظمي جو هاسٽل مان لاش ملڻ واري واقعي تي انتھائي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته جتي اسان جون نياڻيون پڙھي ڊگريون حاصل ڪرڻ وڃن ٿيون، اتان انھن جا لاش ملڻ المناڪ صورتحال آھي. جيڪڏھن نائلا  رند ۽ نمرتا ڪماري جي واقعن کان پوءِ ھاسٽلن کي ھر حوالي سان محفوظ بنايو وڃي ھا ته اڄ ٻيھر چانڊڪا مان اسان جي ھڪ لائق نياڻي جو لاش نه اچي ھاهن چيو ته  نوشين ڪاظمي جو موت خودڪشي آھي يا قتل، ان جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، جيڪڏھن خودڪشي آھي ته ان کي ان قدم کڻڻ تائين ڪنھن مجبور ڪيو؟ ان کي به ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، پر اسان جون يونيورسٽيون خودڪشي ڪرڻ جو آسان ھنڌ ڇو بنيل آھن؟ ھاسٽلون ڇو محفوظ ناھن؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.