نمرتا واقعي تي به سنڌ حڪومت ۽ ڪاليج انتظاميا غفلت ڪئي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي، گلزار سومرو ، ڄام عبدالفتاح سيمجو ۽ ٻين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ چوٿين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي موت تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ھن کان اڳ نمرتا ڪماري جو واقعو ساڳي ڪاليج ۾ پيش آيو جنھن تي سنڌ حڪومت ۽ ڪاليج انتظاميا غفلت جو مظاھرو ڪيو صحيح طرح سان جاچ نه ٿي . جيڪڏھن ان واقعي جي صحيح طرح سان جاچ ٿئي ھا ته شايد اڄ وري نوشين ڪاظمي وارو واقعو پيش نه اچي ھا. ھنن چيو ته نوشين ڪاظمي به نمرتا ڪماري وانگر ھڪ پڙھيل لکيل نياڻي ھئي اھا ڪئين ٿي خودڪشي ڪري سگھي ۽ جنھن طرح ان جو پکي ۾ لاش مليو آھي ان تي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.