چانڊڪا ڪاليج سانحن جي سرزمين بڻيل آهي: راشد محمود

لاڙڪاڻو: اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ جو لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان شاگردياڻي نوشين شاهه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته درسگاهون شاگردن جي لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪيون آهن، نمرتا ڪماري کان پوءِ چانڊڪا ۽ ٻيو واقعو انتهائي افسوس ناڪ آهي، نمرتا ڪماري ڪيس ۾ به اڄ ڏينهن تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، هوڏانهن  جمعيت علماءِ اسلام صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ محبت علي کهڙو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي فورٿ ايئر جي ايم بي بي ايس دادو واسڻ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو چيو آهي ته انسانيت جي ڏکائيندڙ واقعي تي تمام گھڻو دلي صدمو پهتو آهي، سنڌ ۾ نياڻين سان ظلم ٿي رهيو آهي، اڪثر خودڪشين جا واقعا قتل جا هوندا آهن جن کي خودڪشين جو رنگ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته 2019 ۾ پهريون ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي خودڪشي جو واقعو ٿيو جيڪو ڪاغذن ۾ دٻجي ويو، هن آخر ۾ سوال اٿاريندي چيو ته آخرڪار چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اهڙن المناڪ حادثن جي سرزمين ڇوٿي بڻجندي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.