رياض چانڊيو جي قادر مگسي سان ملاقات، نوان ڪئنال رد

حيدرآباد(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو سنڌ ترقي پسند سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي ۽ جسقپ چيئرمين نواز خان زئور سان فون تي رابطو ڪري  موجوده صورتحال خاص طور تي  زمينن تي والار آهي بحريا ٽائون ۽ سازش ذريعي پنجاب جا غيرقانوني پاڻي کڻڻ جي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون، اتفاق ڪيو ويو ته جلد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو  اجلاس سڏرائي سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف لائحه عمل جوڙيو ويندو، ٻئي طرف رياض علي چانڊيو بيان ۾ چيو آھي ته پنجاب ملڪ قائم ٿيڻ کان وٺي غيرقانوني طرح ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌو درياھ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪيو آھي , پنجاب پاڻي جا جيڪي منصوبا جوڙي پيو انهن جي ڪا به قانوني ۽ آئيني حيثت ناهي ڇو ته پنجاب ھميشه پاڻي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آھي, هن چيو ته  سنڌ پُرامن طريقي سان جهموري جدوجهد ڪئي آھي ،اسان خاموش نه ويهنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.