سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، وفاق الزام بدران 68 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿيڻ جي جاچ ڪرائي:سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن جو هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج،لائوڊ اسپيڪر تي نعريبازي، سنڌ سرڪار وفاق کان  ملڪ مان 68 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿيڻ جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان صبح ساڍي 11 لڳي شروع ٿيو. ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبر سيٽن تان اٿي نعريبازي ڪندا اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا، جتي پي ٽي آءِ جي ميمبر جمال صديقي پاڻ سان گڏ آندل لائوڊ اسپيڪر ذريعي نعريبازي ڪئي، جنهن تي سرڪاري ڌر جي ميمبرن به اعتراض واريندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان دوران ايوان شديد گوڙ جي ور چڙهي ويو، ان کانپوءِ خوراڪ ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ايوان ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ مان 16 لک ٽن ڪڻڪ گم ٿيڻ جي غلط بياني ڪرڻ بدران ملڪ مان 68 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿيڻ جي انڪوائري ڪرائي. هن چيو ته  وفاقي ڪابينا اجلاس جي بريفنگ دوران وفاقي وزير چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ جون16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿي وئي آهي. سنڌ سرڪار ڪڻڪ 12 لک ميٽرڪ ٽن خريد ڪئي ته پوءِ 16 لک ٽن ڪٿان گم ٿيا. ڪجهه ڪڻڪ فلور ملز کي ڏني وئي، جيڪي ڊفالٽر ٿي ويا، سرڪار انهن کان 90 سيڪڙو رڪوري ڪئي آهي. باقي 10 سيڪڙو تي ڪم جاري آهي. مڪيش ڪمار چاولا ايوان ۾ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته روزاني ڪيتريون موٽرسائيڪلون ۽ ڪارون رجسٽرڊ ٿين ٿيون ان جو في الحال مون وٽ رڪارڊ نه آهي، بعد ۾ ميمبرن کي ڊيٽا موڪلي ڏيندس، سنڌ ۾ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي رجسٽريشن جو عمل جلد آن لائن شروع ڪيو ويندو. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن چيو ته اسيملبي ۾ دعا دوران ميمبرن پاران بددعائون ڪرايون ويون. دعا ۾ به سياست ڪئي پئي وڃي. مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ  پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته  اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ مخالف ڌر جا ميمبر ناهن. اسان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر کي به ايوان ۾ ڳالهائڻ ته ڏنو وڃي، اسان کي ايوان ۾ نٿو ٻڌو وڃي جنهن سبب اسان ايوان ۾ گوڙ ٿا ڪريون، سنڌ ۾ جمهوريت جو جنازو نه ڪڍيو وڃي. جماعت اسلامي جي عبدالرشيد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته لياري ۾ امن امان جي صورتحال هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿي رهي آهي، پ پ جي ڪارڪنن ئي علائقي ۾ قبضا ڪيا آهن. پ پ ڪارڪنن فائرنگ ڪري عورتن کي زخمي ڪيوآهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.