نوشين جو پراسرار موت سواليه نشان آهي: سنڌو نواز

حيدرآباد (پ ر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، سهيل ڀٽو، حمز چانڊيو، ماجد ڏنور، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ جا تعليمي ادارا شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻايا ويا آهن، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان نمرتا کانپوءِ سيده نوشين جو پراسرار موت سواليه نشان آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا ڪاليج جي انتظاميه جو شاگردن ۽ شاگردياڻين سان رويو شروع کان مناسب نه رهيو آهي، انتظاميه جي اڍنگي رويي خلاف شاگرد ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪري چڪا آهن، سنڌو نواز چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان اڃا تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو اليمو آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر سيده نوشين جي موت جي جلد ۽ شفاف جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن، جيڪڏهن واقعي جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ هيرا ڦيري ڪئي وئي ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.