ڪراچي ۾ پوليس،رينجرز جون ڪارروايون، 15 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ رينجرز ۽ پوليس جي انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي اورنگي ٽائون مان منشيات فروشي ۾ ملوث 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن کان 83 گرام چرس برآمد ڪيو ويو آهي جوابدارن ابتدائي جاچ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته منشيات فروشن جو سربراهه نديم خان عرف لالا پنهنجي رڪشي ۾ هر هفتي ۾ 10 کان 20 ڪلو چرس سهراب ڳوٺ کان خريد ڪري ايندو آهي پوء پنھنجي ٽيم ذريعي ننڍن منشيات فروشن ۾ وڪرو ڪندو آهي، هوڏانهن  ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن کان کان 13 موٽرسائيڪلون برآمد ڪيون ويون آهن اي وي ايل سي ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار موٽرسائيڪل چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.