ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ فلسفي رسول ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(م ڊ) ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو،  سندس مڙھ ضروري ڪارروائي بعد ميرپور خاص مان ڪراچي روانو ڪيو ويو آھي،جتي سندس تدفين ڪئي ويندي. واضح رھي ته رسول ميمڻ ميرپورخاص محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر طور ذميواريون ادا ڪري رھيو ھواسپتال انتظاميا موجب ڊاڪٽر رسول ميمڻ اسپتال جي ھاسٽل ۾ رھائش پذير ھو، ھو رات جو ڪنھن وقت دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، صبح جو سندس ڪمري جودروازو ٽوڙيو ويو ته لاش مليو،هوڏانهن سنڌ جي ناليواري ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ برک اديب رسول ميمڻ جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت گهري ڏک جو اظھار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي ادبي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايي، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي ۽ پريس ترجمان نجيب چانڊيو پنهنجي گڏيل تعزيتي بيان ۾ چيو آھي ته رسول ميمڻ سنڌي ادب جو هڪ وڏو نانءُ هيو جنهن سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول، ڪهاڻيون ۽ فلسفي سميت مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ڏنا .

  • رسول ميمڻ نفسيات کي پنهنجي ڪهاڻين جو حصو بڻايو:ترقي پسند منصفين

    ڪراچي(رپورٽر) رسول ميمڻ نفسيات جي موضوع کي پنهنجي ڪهاڻين جو حصو بڻايو، سندس وڇوڙو ڏکوئيندڙ آهي ، هن جو تخليقي پورهيو سنڌي ادب ۾ هميشه ياد رکيو ويندو . اهڙن خيالن جو اظهار انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينئر ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ، نامياري ڪالم نگار ۽ استاد ڊاڪٽر توصيف احمد ، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر مير منور ٽالپور ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڪرن سنگهه ، سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ظهير ، علي اوسط جعفري ، سلطان نقوي ۽ ٻين ناميارن اديبن ، ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن رسول ميمڻ جي ڏکوئيندڙ وڇوڙي تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو هنن چيو ته رسول ميمڻ سنڌي ادب ۾ پنهنجي تخليق سان ڪهاڻين ، ناول ۽ مختلف موضوعن تي نين لکڻين سان نوان لاڙا متعارف ڪرايا سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب هڪ بهترين تخليڪار کان محروم ٿي ويو آهي جنهن جو خال هڪ عرصي تائين ڀرجڻ مشڪل آهي

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.