پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راڻا تنوير جي صدارت ۾ ٿيو، راڻا تنوير چيو ته نيب چيئرمين سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ اجلاس ۾ ڇو نه آيو؟ نوٽيس جاري ڪيو وڃي، ان کانپوءِ گرفتاري وارنٽ جا اختيار استعمال ڪنداسين.

ڊي جي نيب حسين احمد چيو ته نيب چيئرمين گم ٿيلن ماڻهن جي سلسلي ۾ لاهور ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو نيب چيئرمين کان پڇو ته ڪڏهن ايندو؟ کيس چئو ته ايندڙ هفتي ضرور اچي.

ڊي جي نيب چيو ته هو اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو.

آڊٽ اختيارين ڪميٽي کي ٻڌايو ته نيب ريڪورين جي گذريل هڪ سال جي آڊٽ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کان رقم جي به آڊٽ ڪئي وئي آهي، رپورٽ پيش ڪنداسين.

ڪميٽي نيب، اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ انساني حقن جي وزارت جي پرنسپل اڪائونٽ آفيسرن کي کاتن جي ڪميٽين جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ ايندڙ هفتي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.