ڪراچي: عوامي راڄ تحريڪ پاران ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاج جو اعلان

عوامي راڄ تحريڪ جي وڪيل اڳواڻن چيو آهي ته جمعي جي ڏينهن ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ سيد خليل احمد ۽ خليل چانڊيو ۽ جو چوڻ هو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ناظم جوکيو جا گھر ڀاتي ٺاهه طرف وڌي رهيا آهن، چيف جسٽس ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ٻنهي ٺاهه کي قبول نه ڪيو وڃي.

هنن چيو ته شاهه زيب خان واري ڪيس ۾ فيملي ٺاهه باوجود عدالت سوموٽو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو ناظم جوکيو جي وارثن جي ٺاهه کي به قبول نه ڪيو وڃي، جيستائين گڏيل جدوجهد نه ڪبي تيستائين ان قسم جا واقعا ٿيندا رهندا، سول سوسائٽي کي ڪيس پاڻ وڙهڻو پوندو.

سندن چوڻ هو ته جمعي جي ڏينهن ناظم جوکيو جي قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.