ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا

 

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) حافظ آباد جي مقامي عدالت ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار ناصر خلاف اهو ڪيس حافظ آباد جي ٿاڻي ۾ ٻارڙي جي ڏاڏي اپريل 2021 ۾ داخل ڪرايو هو.

جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي الزام هنيو ته پيءَ چوپايو مال هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪيس ۾ ڦاسايو آهي.

سرڪاري وڪيل جو موقف هو ته ٻارڙيءَ ڪيترائي ڀيرا زيادتي کانپوءِ ڏاڏي کي دانهن ڏني، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي ثابت ٿي چڪي آهي، سيشن جج فيصلي ۾ لکيو ته ناصر ڪنهن رعايت جو حقدار ناهي.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.