شوڪت ترين جو اعتراف اسان جي موقف جي فتح آهي: امتياز شيخ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته شوڪت ترين جو اعتراف اسان جي موقف جي فتح آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته شوڪت ترين جو بيان وفاقي توانائي وزارت جي نااهلي تي چارج شيٽ آهي، وقت تي ايل اين جي جا ٽينڊر نه ڪري ملڪي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو، موجوده ۽ اڳوڻا وزير ايل اين جي ٽرمينل جي تعمير تي قوم سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا.

هن چيو ته گئس بحران تي اعتراف کانپوءِ توانائي واري وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، حڪمرانن جي نااهلين، ناڪامين ۽ بدعنوانين جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي، موجوده حڪومت اندر مافيائون موجود آهن ۽ انهن خلاف نيب ۽ ٻين ادارن جي چُپ ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم معاشي رسڪ بڻجي چڪي آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ موجوده حڪومت مان ڇوٽڪارو اڻٽر آهي.

واضح رهي ته ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين حڪومت طرفان وقتائتا قدم نه کڻڻ تي ملڪ ۾ گئس بحران جو اعتراف ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.