ڪراچي چڙيا گهر ۾ موجود ناياب نسل جو اڇو شينهن مري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ موجود ناياب نسل جو شينهن مري ويو.

ڪراچي زور ۾ موجود ناياب نسل جو اڇو شينهن 13 ڏينهن بيمار رهڻ کانپوءِ نيٺ مري ويو.

زو انتظاميا جو چوڻ آهي ته شينهن نمونيا جو شڪار هو ۽ انتهائي ڪمزور ٿي ويو هو، جيڪو علاج دوران مري ويو.

چڙيا گهر انتظاميا موجب ناياب نسل جي ان اڇي شينهن کي آفريقا مان 2012 ۾ درآمد ڪيو ويو هو، شينهن ان وقت هڪ ڪروڙ رپين جي وڏي رقم ادا ڪري آندو ويو، ان جي عمر 14 کان 15 سال هئي.

بلديا عظميٰ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته شينهن کي ٽي بي جو مرض هو ۽ ان جي ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، شينهن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ موت جو سبب خبر پوندو.

هوڏانهن ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي چڙيا گهر ۾ اڇو شينهن مرڻ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.