”منهنجي تڪ جا روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳِٽن جهڙا هجڻ گهرجن“

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) راجسٿان جي هڪ وزير راجندر سنگهه گوڌاني فرمائش ڪئي آهي ته منهنجي تڪ جا روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳَٽن جهڙا هجڻ گهرجن، جنهن تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان جي وزير جي هڪ ويڊيو ڪلپ وائرل ٿي آهي، جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهو کانئس استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

ويڊيو ۾ وزير راجندر سنگهه کي هڪ کليل ڪچهري ۾ اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ”منهنجي تڪ جا روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳِٽن جيان هجڻ گهرجن“.

اها ڳالهه هن هڪ فريادي جي دانهن تي جواب ڏيندي ڪئي.

شهري وزير کان سوال ڪيو ته تڪ ۾ جيڪي روڊ ٺهيا آهن، انهن جو معيار تمام بُرو آهي ۽ روڊن تي وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، جنهن سبب سفر ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.