ڪومل عزيز پنهنجي ڪتي جي رنگن جهڙو لباس پائي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ڪومل عزيز پنهنجي پالتو ڪتي سان گڏ هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ڏاڍي خوش نظر اچي رهي آهي.

ڪومل عزيز طرفان انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن جو پالتو ڪتو به ساڻس گڏ ويٺو آهي.

اداڪارا جي پالتو ڪتي جو رنگ اڇو ۽ ڪارو آهي، جڏهن ته تصوير ۾ ڪومل عزيز به اهڙن ئي رنگن جا ڪپڙا پاتا آهن.

ڪومل عزيز ڪيپٽن ۾ اهو به لکيو ته اسان ٻئي جڙوا لڳي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.