لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان ميڊيڪل جي شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو آهي.

گرلز هاسٽل جي ڪمري نمبر 4 مان شاگردياڻي نوشين جو لاش هٿ آيو، جيڪا ميڊيڪل جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

انتظاميا ايڪشن وٺندي هاسٽل کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪوريج کان به روڪيو ويو آهي.

ناري جي ڪمري مان  خط به هٿ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته آئون بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجي مرضي سان آپگهات ڪري رهي آهيان.

ٻي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر علي سومرو جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعو آپگهات آهي يا نه.

ٻڌايو پيو وڃي ته آپگهات ڪندڙ ناري شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي آهي جڏهن ته وارثن جو چوڻ هو ته نياڻي کي ڪا به پريشاني نه هئي  واقعو سمجهه کان ٻاهر آهي.

واضح رهي ته ٻه سال اڳ به ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان به شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو لاش هٿ آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.