ناظم جوکيو ڪيس جي آءِ ٽي ۾ ڳجهن ادارن کي به شامل ڪيو وڃي: پي ٽي آءِ ايم اين اي

پي ٽِي آءِ ايم اين اي جميل احمد خان چيو ته ناظم جوکيو جي آءِ ٽي ۾ ڳجهن ادارن کي شامل ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ ايم اين اي جميل احمد خان، ملير پريس ڪلب ۾ پي ٽي آءِ ملير جي صدر ڊاڪٽر مسرور سيال، ليبر ونگ جي صدر ڀاشاني شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهيد ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، نئين جي آءِ ٽي تي اعتماد ڪيون ٿا پر ان ۾ ٻين ڳجهن  ادارن جي آفيسرن کي به شامل ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته  اسٽيل مل ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ اسٽيل ملز جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ملازمن جي رهتن جي ادائيگين سميت ٻين مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي آهي جلد مسئلا حل ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.