حيدرآباد: ڪتاب  "فيمنزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد” جي مهورتي تقريب

حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي حقن لاءِ  جدوجهد تي ليکڪ ڊاڪٽر قاسم سوڍر پاران لکيل "فيمنزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد” ڪتاب  جي مهورتي تقريب ٿي گذري.

مھورتي تقريب عوامي علمي ادبي فورم طرفان سنڌ لئنگوئيج اٿارٽي ۾ ڪوٺائي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا عبدالقادر رانٽي، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، جامي چانڊيو ۽ ٻين ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ سان گڏ قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي به جدوجهد ڪئي آهي ۽  هي ڪتاب شروعات آهي  سنڌياڻي تحريڪ جي عظيم جدوجهد تي اڃا وڌيڪ تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي.

هنن چيو ته  سنڌياڻي تحريڪ جيڪا عظيم تاريخي جدوجهد ڪئي آهي سا وسارڻ جوڳي ناهي ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي سلام آهي جيڪا اڄ به ٻيٽن تي قبضن خلاف جدوجهد سميت سنڌ جي هر مسئلي تي جدوجهد ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.