ثاقب نثار مبينا آڊيو، پاڪستان بار ڪائونسل جو جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪائونسل آڊيو ليڪس جاچ لاءِ ٽروٿ ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ وائيس چيئرمين خوشدل خان جي صدارت هيٺ پاڪستان بار ڪائونسل جو اجلاس ٿيو.

پاڪستان بار ڪائونسل مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس تي لڳايل الزامن تي ٽروٿ ڪميشن ٺاهي وڃي، اها ڪميشن راڻا شميم جي بيان ۽ آڊيو ليڪس جي جاچ ڪري.

بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ڪميشن ۾ غير تڪراري وڪيلن، سول سوسائٽي نمائندن ۽ صحافين کي به شامل ڪيو وڃي، ڪميشن الزامن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام سامهون آڻي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين موجب راڻا شميم جي حلفي بيان ۽ ثاقب نثار جي مبينا آڊيو سان عدالتي ساک متاثر ٿي رهي آهي، عدالت پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ حقيقتون سامهون آڻي، اهو رڳو ڪميشن قائم ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.