مراد علي شاهه اسرائيل يا ڀارت جو ناهي جو وفاق مشاورت نه پيو ڪري: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏئي رهي آهي، بحرانن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويندو آهي، وفاقي حڪومت 66 لک ٽن ڪڻڪ جو حساب ڏئي، جيڪا فخر امام موجب چوري ٿي.

صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مراد علي شاهه اسرائيل يا ڀارت جو وزيراعليٰ ناهي جو وفاق مشاورت نه پيو ڪري، مراد علي شاهه انهن کي ٽف ٽائم ڏيندو آهي، تنهن ڪري کين نٿو وڻي.

هن چيو ته گئس، ڪڻڪ، کنڊ سميت سڀني بحرانن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويندو آهي، آفيسرن کي هڪ هنڌان هٽائي ٻئي هنڌ لڳايو ويندو آهي، ناڻي واري وزير تسليم ڪيو آهي ته وقت تي ايل اين جي نه خريد ڪئي وئي، فخر امام موجب 66 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي وئي، وفاقي حڪومت ان جو حساب ڏئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهن پئسا ڏئي گهر ورتا آهن قبضو ناهي ڪيو، پنجاب ۾ ضابطن خلاف هائوسنگ سوسائٽين جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اپوزيشن ان قانون سازي جي مخالفت ڪري رهي آهي، جيڪا پنجاب ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ڪري چڪي آهي، جن ماڻهن غير قانوني ڪم ڪيو، انهن کي سزائون ڏيڻ گهرجن، باقي اهو حل ناهي ته لکين ماڻهن کي کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.