قاضي احمد: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شاهه سائين کي ڀيٽا پيش

قاضي احمد: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاهه لطيف سائين کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ تقريب

قاضي احمد ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جشن لطيف جي عنوان سان ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ثقافتي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهور ۽ اسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد حافظ ذيشان ارشد مھمان خاص طور شرڪت ڪئي.

ثقافتي تقريب ۾  صوفي راڳ رھاڻ، لوڪ موسيقي، سگھڙ ڪچھري،  لطيف سائين جا بيت پيش ڪيا ويا ۽ ڏاندن جي ڊوڙ ڪرائڻ سان مختلف اسٽال لڳاياويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.