ڪوٽڙي: سنڌو درياهه مان اڌڙوٽ جو لاش هٿ

ڪوٽڙي ڀرسان سنڌو درياهه مان اڌڙوٽ جو لاش هٿ ڪيو ويو.

سنڌو درياهه مان 45 ورهين جي شخص جو لاش هٿ ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ درياهه بند واسي وار فرمان يوسف ذئي طور ٿي.

ماڻهن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول 5 ڏينهن کان گم هو جنهن جو لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.