پي ٽي آءِ جو عاصمه جهانگير فائونڊيشن جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ ڪامرس بابت پارلياماني سيڪريٽري عاليا حمزا ملڪ، عاصمه جهانگير فائونڊيشن جي فنڊنگ تي سوال اٿاري ڇڏيا.

عاليا حمزا ملڪ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين کي خط لکي عاصمه جهانگير فائونڊيشن جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

عاليا حمزا ملڪ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ چيف جسٽس خلاف نعرا لڳا، ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت مان سزا يافته ۽ مفرور کي خاص مهمان بڻايو ويو، ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ ادارن کي گاريون ڏنيون ويون.

هن خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته عاصمه جهانگير فائونڊيشن جي فنڊن جي ذريعن جي جاچ ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.