سڀاڻي ڪهڙا پيٽرول پمپ کليل رهندا؟ پي ايس او جي اهم پڌرائي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن حڪومت طرفان مطالبا نه مڃڻ تي سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن.

25 نومبر کان ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند رکڻ جي اعلان کانپوءِ شهرين ۾ بيچيني پکڙجي وئي ۽ پيٽرول پمپن تي ماڻهن جي رش لڳي وئي آهي پر هڙتال دوران ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا پيٽرول پمپ به هوندا، جيڪي معمول موجب فراهمي جاري رکندا.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان هڙتال جي اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽيٽ آئل پڌرائيءَ جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اسان جا اهي سمورا پيٽرول پمپ، جيڪي ڪمپني جي ملڪيت ۽ انتظام هيٺ آهن کليل رهندا ۽ معمول موجب ڪم ڪندا.

پي ايس او ڪمپني جي ملڪيت هيٺ هلندڙ پمپن جي فهرست به جاري ڪئي آهي، جنهن موجب سڄي پاڪستان ۾ اهڙن پيٽرول پمپن جو انگ رڳو 23 آهي، جن مان وڌ کان وڌ 7 پمپ ڪراچي ۾ آهن.

پي ايس او جا اهي 23 پمپ کليل رهڻ باوجود هڙتال سبب کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇو ته رڳو 23 پمپ شهرين جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.