محمد حفيظ قومي ٽيم کان پري، مسلسل ٻي سيريز نه کيڏڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ بنگلاديش کانپوءِ ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز تان به هٿ کڻي ڇڏيو.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ شيڊيول آهي، جنهن ۾ محمد حفيظ ايڪشن ۾ نظر نه ايندو.

ذريعن موجب محمد حفيظ لنڪا پريميئر ليگ کيڏڻ لاءِ هوم سيريز تان هٿ کنيو آهي ۽ ان لاءِ هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان اين او سي به حاصل ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽسمين شعيب ملڪ جو به سيريز ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته محمد حفيظ ان کان اڳ بنگلايش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز تان به هٿ کنيو هو ۽ چيو هو ته مان نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ چاهيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.