”اميد ته مريم نواز ٻاهرين ملڪ ملڪيتن جو به اعتراف ڪندي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز وڏن چئنلن جي اشتهارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مريم نواز چئي ٿي هوءَ پارٽي جو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي، ان اعترافي بيان کانپوءِ اميد آهي ته هوءَ پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ ملڪيتن جو اعتراف به ڪندي.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مريم نواز ڪنهن کي چئي رهي آهي ته چئن چئنلن کي ڪو اشتهار نه ڏنو ويندو.

ان حوالي سان مريم نواز چيو آهي ته اهو آواز منهنجو ئي آهي ۽ آڊيو درست آهي، مان نه چونديس ته آڊيو ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي يا منهنجو آواز ناهي، اهو منهنجو ئي آواز آ.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.