سعيد غني عهدو ڪڏهن ڇڏيندو؟ چيف جسٽس جو ٻڌڻي دوران پڇاڻو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 16 ماڙ عمارت جي اڏاوت خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ بهادرآباد ۾ 16 ماڙ الباري ٽاور جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پارڪ جي زمين تي غير قانوني عمارت ٺاهي وئي، عدالتي نوٽيس کانپوءِ به اڏاوت نه روڪي وئي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته بلڊر ڪير آهي، ڪير ٺاهي رهيو آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته محمد توفيق ۽ محمد سعيد نالي بلڊرن عمارت تعمير ڪئي.

عدالت ايس ايڇ او نيو ٽائون ذريعي بلڊر کي نوٽيس پهچائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس عمارت جي تصوير لوڏيندي چيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ٻڌايو، سعيد غني صاحب ڪٿي آهي؟ هو چوندو آهي اهڙيون عمارتون ٺهنديون، کيس گهرايو.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هو چوندو آهي عهدو ڇڏي ڏيندس پر نه ڪيرائيندس، جنهن تي چيف چسٽس، ايڊووڪيٽ جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪڏهن ڇڏيندو هو عهدو، اهو ته ٻڌايو.

عدالت سعيد غني کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، هو پيش ٿيو پر عدالتي وقت جي کوٽ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.