سون اگهن ۾ اوچتو وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪجهه ڏانهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جو اگهه وڌي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2500 رپين جي وڏي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 24 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2144 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 396 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 788 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.