بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، ٻه جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي تمپ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي به وڏو نقصان پهتو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد ٿيا، جن ۾ خاران جو سپاهي نصيب الله ۽ لڪي مروت جو سپاهي انشاءَالله شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز بزدل دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، دهشتگرد ڪارروائين جو مقصد بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.