خبردار! پيٽرول اڄ ئي ڀرائي ڇڏيو، سڀاڻي کان نه ملندو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب 25 نومبر جي صبح 6 وڳي کان سڄي ملڪ ۾، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ چترال سميت پيٽرول پمپ بند رهندا، حڪومت مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اڃا تائين عمل نه ٿيو.

ايسوسيئيشن چيو آهي ته اسان حڪومت جي خاطري تي 5 نومبر تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو پر حڪومت مطالبا نه مڃيا، جيستائين ڊيلر مارجن 6 سيڪڙو نٿو ڪيو وڃي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون.

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب خميس کان اڻڄاتل مدي تائين سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين پر ايمبولينسز کي پيٽرول جي فراهمي جاري رکي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.