سکر ۾ ٻارڙو پير ترڪڻ سبب تلاءَ ۾ ٻڏي فوت

سکر( رپورٽر) سکر جي سائيٽ ايريا واري علائقي ڳوٺ خير محمد کوسو ۾ 4 سالن جي ٻارڙي ويحاج ولد سراج احمد کوسو ٻارن سان گڏ راند کيڏي رھي ھئي ته اوچتو پير ترڪڻ سبب ٻارڙي تلاء ۾ ڪري فوت ٿي وئي. اطلاع ملڻ تي ٻارڙي جي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي جو لاش ڪڍي گھر آندو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو سندس پوئنير سڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.