قاضي احمد جي اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام

قاضي احمد (ن ع آ) سڄي سنڌ جيان قاضي احمد به ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ثقافتي پروگرامن جو سلسلو جاري آهي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان اڄ گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول قاضي احمد ۾ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو تقريب جي اڳواڻي اسڪول جي پرنسپال استاد انور علي لاکو ۽ استاد عبد الله چانڊيو ڪئي. جنهن ۾ اسڪول جا شاگرد توڙي استاد سنڌ جو ثقافتي لباس ٽوپي اجرڪ پٽڪو پائي پروگرام ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا پروگرام ۾ شاگردن سنڌ جي قومي گيتن تي جھومريون پائي قومي رقص ڪيو. اسڪول جي پرنسپال استاد انور علي  لاکو, استاد عبد الله ۽ شاگردن ميڊيا سان چيو ته 5 ڊسمبر تي ثقافتي ويس پھري ٽوپيون اجرڪ ۽ پٽڪا پائي روڊن تي نڪري ڌرتي ماء ۽ ثقافت محبت جو اظھار ڪبو. ثقافتي ڏينهن عيد جيان لڳندو آهي ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سڀئي ھڪ جھڙو ثقاتي ويس پھري ٽوپي پٽڪو پائي اجرڪ ڪلھن تي رکي پنهنجي ثقافت تي فخر محسوس ڪندا آهن اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ شلوار ڪميص, ٽوپي, اجرڪ, پٽڪو , ڪھاڙي ۽ مھمانوازي شامل آهن ثقافت جو زنده ھجڻ قومن جي بقا جو ھٿيار ھوندو آهي ثقافت قومن جي سڄاڻپ ھوندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.