لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن عورتن ۽ مردن سميت 10 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن وڌيڪ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. رولو ڪتن جي ڏاڙهجڻ سبب زخمي ٿيلن ۾42 سالن جو عبدالحميد، 14 سالن جو منصور پٽ رحيم علي، 30 سالن جو مستقين پٽ عبدالقيوم، 5 سالن جو طاهر پٽ عبدالستار ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.