سکر پوليس جي نااهلي، ڏوهن تي ضابطو نه آيو، موٽر سائيل چوري

سکر( رپورٽر)  سکر شهر ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڏوهي وارداتن تي ضابطو ناهي اچي سگھيو، جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حسيني روڊ واري علائقي جي رهواسي نعمان مغل ولد ڊاڪٽر حفيظ مغل جي نئين هنڊا 125 موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته سي سيڪشن ٿاڻي جي حد عيدگاهه ڀرسان نامعلوم چور علي جوڻيجو جي نئين سي ڊي 70 موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، ٻي طرف سکر جي آباد ٿاڻي جي حد آرائين ڦاٽڪ واري علائقي ۾ 3 نامعلوم هٿياربندن هندو نوجوان سنجي ڪمار کان هٿيارن جي زور تي نئين سي ڊي 70 موٽر سائيڪل 10 هزار روپيا روڪ رقم ۽ سوني منڊي ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.