گهوٽڪي احساس سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ، پي ٽي آءِ اڳواڻ پهتو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر مير افتخار خان لنڊ جو گهوٽڪي احساس رجسٽريشن سينٽر جو دورو ، رجسٽري لاءِ آيل عورتن جو شڪايتون ٻڌڻ بعد ، احساس رجسٽريشن ڪندڙ عملي کان پڻ معلومات ورتي، ان موقعي تي مير افتخار لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪ ۾ غربت ختم ڪرڻ لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ غربت جو ريشو گهٽ ٿيندو ، عورتن کي گهرجي ته هو وڌ کان وڌ رجسٽريشن ڪرائي فائدو حاصل ڪن، پي ٽي آءِ اڳواڻ رجسٽري لاءِ آيل عورتن جو شڪايتون ٻڌيو ، ان موقعي تي سينٽر جي انچارج پنهل لکڻ  ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته سينٽر ننڍو آهي ۽ ڊيسڪن جي کوٽ آهي ۽ انتظاميا کي گهرجي ته جلد پوري ڪري ڏني وڃي ته جيئن عورتون وڌيڪ تڪليف کان بچي سگهن، ان موقعي تي مير افتخار لنڊ سان رئيس الهوسايو گهوٽو ، مشتاق شاهي لغاري ، حسن چاچڙ ۽ ٻيا گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.