مقصودي رند ۾ سگهڙن لوڪ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا

مقصودو رند (ن ع آ) ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مقصودو رند ۾ مرحوم لاھوتي محمد لقمان رند جي ھوٽل تي ثقافتي سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي سگھڙ ڪچھري ۾ سنڌ جي مشھور سگھڙن ڏور بيت ڳجهارتون سينگار  ڏئي واه واه ڪرائي ڇڏي سگھڙ ڪچھري ۾شھرين جي شرڪت  خبر موجب ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مقصودو رند ۾ مرحوم لاھوتي محمد لقمان رند جي ھوٽل تي ثقافتي سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي سگھڙ ڪچھري جي صدارت جلب خان بگٽي ڪئي جڏھن ته  سگھڙ ڪچھرين ۾ سنڌ جي مشھور سگھڙن خداڏنو ميمڻ ، عبدالوحيد ٽالپر، مير خان رند، اميد جمالي ، ڀاڳيو خاصخيلي ۽ ٻين شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي شرڪت ڪئي سگھڙ ڪچھري ۾ سگھڙن ڏور، بيت ڳجهارتون، سينگار ڏئي واه واه ڪرائي ڇڏي ان موقعي تي سگھڙ ڪچھري ۾ شريڪ سگھڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 ڊسمبر سنڌ جي ثقافت جي ڏھاڙي تي اسان ثقافتي لباس ، ٽوپيون اجرڪون، پٽڪا پھري ڀرپور نموني سان ريلين ، مچ ڪچهرين ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ھن ڏينھن کي ڀرپور نموني سان ملھائينداسين ۽ اسان سمجھون ٿا ته ثقافتي ڏھاڙو اسان لاءِ عيد جو ڏينهن آھي ثقافتي ڏينھن تي کي ڀرپور نموني ملھائي اسان  ڏينھن تي ثابت ڪنداسين ته سنڌ اسان جي ماءُ حوالي آھي ۽ ڌرتيء سان محبت پيار جو وچن ورجائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.