لاڙڪاڻو سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ثقافتي تقريب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان رنگارنگي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شاگردن شاهه جهانابڙو، سارنگ خان ابڙو، فرمان ميمڻ، عبدالله تونيو، عبيدالله سانگي، طاهر چنه، ڪبير ڀٽو، قدوس ورک، قاسم شاهاڻي، وقار جاگيراڻي، حسنين هليو، باسط چانڊيو، محسن چانڊيو، افضل ميرالي، سيد وسيم شاهه ۽ شاگردياڻين سميت ڪئمپس جي استادن ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردن ثقافتي ويس پائي، اجرڪ اوڍي ۽ بوسڪي پٽڪو ٻڌي پنهنجي ثقافت جو ڀرپور اظهار ڪندي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريرون ڪري شاعري ۽ ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب ۾ سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت پيش ڪري واهه واهه ڪري ڇڏي جنهن تي شاگرد جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي جنهن جو مثال موهن جو دڙو 5 هزار سال قديم تهذيب آهي، هوڏانهن ثقافتي تقريب ۾ شاگرد سنڌي هو جمالو تي جمهريون هڻي 5 ڊسمبر ثقافتي ڏهاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو وچن پڻ ورجايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.