عائيشا جتوئي جا قاتل گرفتار ڪيو، خيرپور ۾احتجاج

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور سکر جي صحافي جي ايم حيدري جي ڀيڻ عائشه جتوئي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي وارث علي جانوري ذاڪر سمنگ عبدالستار ڦلپوٽو رضا محمد جانوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا احتجاج ڪندڙن ٻُڌايو ته 6 سال اڳ 5 جوابدارن هاشم , اسلم , محسن , عالم ۽ احمد جتوئي سڱاوتي تڪرار تان عائشه جتوئي کي سکر مان اغوا ڪري ڪچي جي علائقي ۾ قتل ڪري لاش گُم ڪري ڇڏيو هو جوابدارن کي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي جي سرپرستي حاصل آهي ۽ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري وارثن سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.