چوهڙ جمالي لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

چوهڙ جمالي( ن ع آ) چوهڙ جمالي ويجهو ڳوٺ حاجي عمر ونگائي ۾ ونگائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري چار ٻه ڄڻا زخمي ڪراچي ريفر , جونگو جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي عمر ونگائي ۾ ونگائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل منهن ماري سبب جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻه ڀائر اشرف ونگائي ۽ چاڪر ونگائي ۽ ٻي ڌر جي پيءۡ پٽ محمد صديق ۽ علي حيدر ونگائي سخت زخمي ٿي پيا جن کي طبعي امداد جي لاء رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو ويو جتي زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين فرسٽ ايڊ ڏيئي اشرف ۽ چاڪر ونگائي کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٻي ڌر جي محمد صديق ۽ علي حيدر کي ٺٽو روانو ڪيو ويو آھي آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.