ڪرمپور ۾ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج، تحفظ جي گهر

ڪرمپور (رپورٽ : ايم ابراھيم شيخ ) ڪرمپور تعلقي خانپور جي ڳوٺ ميرل خان جعفري جي ڳوٺاڻن علي حسن جعفري، عبدالسميع جعفري، علي بخش جعفري، منظور احمد جعفري ۽ ٻين ناپرڪوٽ پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسين هڪ ڏينهن پهريان پنهنجي فارم مان مڇي ماري بعد مڇي وڪري لاء سکر مڇي مارڪيٽ کڻي وڃي رهيا هئا سين ته ناپرڪوٽ پوليس شجراه لاڙي وٽ انڊس هاء وي تي بيٺل SHO عبدالشڪور لاکو پنهنجي ٽيم سان گڏ اسان جي مڇي جي گاڏي کي زوري روڪي اسان جي ماڻهن جي مٿان هٿيار سڌا ڪري اسانجي مڇي جي گاڏي ڦر ڪري ويو ، جنهن ۾ 56 مڻ مڇي لوڊ ٿيل هئي، پوليس جيڪا مڇي 46 مڻ 10 ڪلا پنهنجي نالي تي شڪارپور مڇي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيائين ، مڇي وڪرو جا بل اسان وٽ ثبوت طور موجود آهن، بقايا مڇي پوليس ورهائي ڇڏي ، تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار مارڪيٽ مڇي وڪرو ڪري رهيا آهن . ڳوٺاڻن چيو ته اسان ناپرڪوٽ پوليس جي ڏاڍاين خلاف شڪارپور سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ، هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته ايس, ايڇ, او   ناپرڪوٽ عبدالشڪور لاکو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ اسان ڳوٺاڻن کي فل فرائي ۽ هاف فرائي جون ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيو آهي ، ڳوٺاڻن موجب ناپرڪوٽ پوليس ڌمڪائي پئي ته وڪرو ڪيل مڇي جا پئسا مون کان نه گهرو ۽ پوليس مٿان ڪيل پٽيشن واپس وٺو ، ٻئي صورت ۾ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار رهڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو ، آخر ۾ ڳوٺاڻن  وزيراعلي سنڌ ، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ناپرڪوٽ پوليس جي ڏاڍاين جو نوٽس وٺي اسان کي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.