سيوهڻ ۾ بدامني، ڦرون ڌاڙا روز جو معمول، ايس يو پي جو ڌرڻو

سيوھڻ  ( ن ع آ ) سيوھڻ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پاران سوين ڪارڪنن ايس يو پي جي تعلقي آفيس کان اي ايس پي سيوھڻ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مک روڊ تي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ايس يو پي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو, ضلعي ڄامشورو جي صدر درياهه خان لغاري، محمد نواز رند، محمد خان سولنگي، شبير ٻرڙو ۽ ٻين پوليس مٿان الزام ھڻندي چيو ته  تعلقي سيوھڻ ۾ منشيات جو وڪرو سرعام جاري آھي ۽ سيوھڻ شھر ۾ جوا جا اڏا ھلڻ سان گڏ شھر اندر بدامني جي باھ پکڙجي وئي آھي گذريل ٽن مھينن اندر اسان جي بک ھڙتالن ۽ احتجاجن باوجود پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي جڏھن ته گذريل 3 مھينن اندر ڦر ۽ ڌاڙن جون 5 کان وڌيڪ وڏيون وارداتون ٿيون پر بدقسمتي سان انھن چورين ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس ھن وقت تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي ھڪ مھينو اڳ صحافي ياسين رند جي گھر ۾ به ڌاڙو لڳو پر سيوھڻ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ڀان سيد آباد جي معزز شھري سليم جي گھر ۾ ڦورو چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو پر ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي سيوھڻ ۾ ڪيل کليل ڪچھري باوجود ڪو به کڙتيل نڪري نه سگهيو آهي جنهن ڪري سيوھڻ شھر سميت ڀان سيدآباد ۾ بدامني وڌي وئي آھي فائرنگ ڪري ماڻھون مارڻ جا واقعا وڌڻ لڳا آھن ۽  موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ ته روز جو معمول بڻيل آهي پر پوليس عنلدار ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناھن ڪري سگھيا. ھنن چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قلندر جي نگري سيوھڻ ۽ ڀان سيدآباد ۾ بدامني کي ٻنجو ڏئي امن امان قائم ڪرائي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ ايس ايڇ او ڀان ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ کي جلد ھٽائي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ 10 ڊسمبر تي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.