ٽنڊي آدم لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم لڳ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ھڪ ڀاءُ فوت 2 زخمي رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ٽنڊوالهيار روڊ تي قيصر گهوٽ  ڀرسان تيز رفتار ٽرالر سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ھنيو نتيجي ۾ 25 سالن جو ھڪ نوجوان ڪمال خان گورچاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس 2 ڀائر اقبال ۽ گلشير سخت زخمي ٿي پيا وارث لاش کي بنا پوسٽ مارٽم جي ڳوٺ مير محمد ھنڱورو کڻائي ويا ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو آهي  بي سيڪشن پوليس  ٽرالر ڊرائيور علي رضا ڪلوڙ  کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي  تحويل ۾ ورتو جڏهن ته خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو   ڪيس داخل نه ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.