دادو ۾ بدامني، چوريون ڦرون روز جو معمول، دڪاندارن ۽ شهرين جو احتجاج

دادو ( ڊر )  دادو شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه ڪلاڪن ۾ چوري جون ٽي وارداتون، دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپيه نقد ۽ قيمتي سامان چوري ڪيو ويو، چور جڳت آباد محلا مان مسعود هنڱورو جي زرعي دوڪان جا تالا ٽوڙي سوا ٻه لک نقد چوري ڪري ويا، غريب آباد محلا مان  چور ايزي پئسا موبائيل شاپ جا تالا ٽوڙي ڏيڍ لک نقد ۽ سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، چاٻي چور مجيد ميمڻ جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٽنهي واقعن جون اين سي رپورٽ دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيون ويون آهن، متاثر دوڪاندارن ۽ شهري احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته شهري روزان ڦرجي رهيا آهن پوليس اگهور ننڍ ستل آهي، دادو شهر ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي چورن خلاف ڪاروائي ڪري چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.