لاڙڪاڻي پوليس جي ڪارروائي، گهربل ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا، ڌاڙن، ڦرلٽ، منشيات، غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلن جهڙن 10 کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري، روپوش ۽ انتهائي گهربل ڌاڙيل کي گرفتار ڪري سندس وٽان هٿيار ۽ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عمران قريشي ٻڌايو ته ڌامراهه پوليس رتوديرو روڊ تي چانڊيه سم شاخ ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري سان مقابلو ڪري ڀنگ لاءِ اغوا، ڌاڙن، ڦرلٽ، منشيات، غيرقانوني هٿ رکڻ ۽ پوليس مقابلن جي 10 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ بخو سيال جي رهواسي اشتهاري ڌاڙيل عبدالقادر ولد محبوب علي سيال کي ٽي ٽي پسٽل، گولين ۽ چار ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار اشتهاري سال 2011ع ۾ شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ معصوم مبشر شيخ کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو جنهن مٿان لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو، وليد، مارڪيٽ، لاشاري، باڊهه، ڌامراهه سميت ٻين مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن جن ۾ هو اشتهاري، روپوش ۽ گهربل پڻ آهي جنهن جو وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي ڪاروائيءَ ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم جي لاءِ انعام ۽ اعزازن جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.