لاڙڪاڻي ۾ بجلي تار مان ڪرنٽ، نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڏهوٽ چوڪ وٽ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺ باهو جهتيال واسي 16 سالن جي محمد قاسم پٽ رجب علي جهتيال سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي ڀاءُ محرم جهتيال ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ڏهوٽ چوڪ وٽ لڳل ميلي ۾ وڃي رهيو هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.