سگهڙ استاد عبدالرحمان مهيسر جي سڀاڻي ورسي، راڻيپور ۾تقريب رٿيل

 

راڻيپور(رپورٽ عامر مهيسر) سنڌ جي ناليواري سگهڙ استاد فقير عبدالرحمان مهيسر جي پندرھين ورسي خميس جي ڏھاڙي سندس اباڻي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ سگهڙ ھائوس تي ملهائي ويندي،ورسي تقريب جون سموريون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن. تقريب ۾ سنڌ جا ناليوارا سگهڙ، اديب دانشور، شاعر ۽ صحافي ڀرپور شرڪت ڪندا. ان حوالي سان سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي چيئرمين خليل الرحمان مهيسر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استاد فقير عبدالرحمان مهيسر سگهڙن لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙي ھڪ جاکوڙي ڪردار جدوجهد ڪئي ھئي. جيڪا ڪڏھن به وساري نه ٿي سگھجي. سندس جي ڪيل خدمت ۽ پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سندس جي ڏسيل واٽ ۽ نقش قدم تي اسين ھلي سندس جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائي رھيا آھيون. جيئن اسان جي والد سنڌ جي اندر ڪنهن به سگهڙ کي ڏک سُک ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ھيو. اسان به انهيءَ راھ تي ھلي رھيا آھيون. ھن جو وڌيڪ اھو پڻ چوڻ ھيو ته بابا سائين جي پندرھين ورسي اباڻي ڳوٺ ۾ سگهڙ ھائوس تي ملهائي رھيا آھيون. جنھن ۾ سنڌ جي سڃاھ وندن کي شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي. جڏھن ته ورسي تقريب ٽن مرحلن ۾ ھوندي. شروعات ۾ 4 بجہ سگهڙ ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جا سگهڙ، اديب، دانشور، شاعر ۽ صحافي ڀرپور شرڪت ڪندا. جنهن کانپوءِ رات جو 7 بجہ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي.جنھن ۾ پڻ ناليوارا صوفي راڳي شريڪ ٿيندا. ۽ ساڳئي رات جو 10 بجہ سگهڙ ايوارڊ تقريب ڪئي ويندي جنهن ۾ سگهڙ استاد فقير عبدالرحمان مهيسر مڃتا ايوارڊ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.