تلهار ۾ ڇت تان ڪري زخمي ٿيل پورهيت فوت

تلھار (ن ع آ) ڪالھه باواني شوگر مل ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڇت مٿان ڪري زخمي ٿيندڙ تلهار واسي پورهيت 25 ساله نوجوان اصغر علي ڪنڀار حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي اهڙي تصديق باواني شوگر مل جي سينئر آفيسر عبدالغنی صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي آهي،واضع رهي ته ڪالھ باواني شوگر مل تلهار ۾ ڪم ڪرڻ دوران مل جي ڇت تان ڪري پورهيت نوجوان اصغر علي ڪنڀار سخت زخمي ٿي پيو هو کيس فوري طور تلهار اسپتال پهچايو ويو جتي کيس طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جتي اڄ نوجوان اصغر علي ڪنڀار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.