اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 ايڊيشنل ججن جي نالن جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ ) جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججن جي نالن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير فروغ نسيم به شرڪت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن ۾ بئريسٽر سمن رفعت امتياز، بئريسٽر ارباب محمد طاهر ۽ بئريسٽر سردار اعجاز اسحاق خان جا نالا منظور ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.