جهول لڳ چڙهائي سبب بيهوش ٿيل عورت فوت

جهول (ن ع آ ) جھول لڳ ڳوٺ حاجي متل ڌاريجو ۾ ٽي ڏينھن اڳ پورھيت ڀٽ برادري جي گھرن تي ڌاريجو برادري جي ڪجھ جوابدارن پاران چڙھائي ڪري گھر ڀاتين مردن عورتن ۽ ٻارڙن تي لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري مبينا تشدد ڪرڻ واري واقعي دوران  مبينا صدمي  ۾ بيھوش ٿيل ٻڍڙي 70 ورھين جي شاھل زال جمعو ڀٽ نوابشاھ جي اسپتال ۾ ٽي ڏينھن بيھوش رھڻ بعد وفات ڪري وئي آهي ,مور ڀٽ ٽوھ ڀٽ ۽ ٻين جو چوڻ آهي حملو ڪندڙ جوابدار عورت فوت ٿيڻ جو ذميوار آهن ,اسان جي عورت گھرن تي چڙھائي ۽ تشدد ڪرڻ واري واقعي دوران بيھوش ٿي جيڪا صدمي ۾ اڄ فوت ٿي وئي آھي حملو ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي .ٻئي پاسي گرفتار جوابدار ۽ سندن وارثن جو چوڻ آهي ته اهئا عورت اڳ ۾ ئي بيماري هئي سندس موت بيماري سبب ئي ٿيو هنن جو چوڻ آهي پھريان به سندن مٿان جهيڙو جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ کيس وري بيماري وگهي فوت ٿيل عورت جو ڪوڙو خون جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.