تعليم ئي سنڌ جي شعور کي سگهارو بڻائي سگهي ٿي: صنعان قريشي

نوري آباد (ن ع آ  ) جسقم چيئرمين،  ديدار شام سان گڏ نوري آباد پهتو، نوري آباد جي معزز شخصيت ڪامريڊ يار محمد پالاري سان سندس ڀاءُ مارو پالاري جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين  سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم ئي سنڌ جي شعور کي سگهارو بڻائي سگهي ٿي، 5 ڊسمبر  تعليم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان سان ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جسقم  اهڙي عنوان جي آجيان ڪري ٿي ۽ 5 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن تعليم پرايو سنواريو جي عنوان جا هٿن ۾ بينر کڻي ثقافت جو ڏينهن ملهائيندا، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سرڪار کي يونيورسٽي، ڪاليج سميت سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کان ڳريون فيسيون وٺڻ بدران مناسب فيسون ورتيون وڃن، جسقم سربراهه چيو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڳريون فيسيون ورتيون وڃن ٿيو جنهن سبب غريب ماڻهو سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجا ٻارڙا پڙهائي رهيا آهن سرڪار کي گهرجي ته سرڪاري تعليمي ادارن تي ڌيان ڏئي تعليم جو معيار بهتر بڻائي ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ ڳرين فيسن جو نوٽيس وٺي مناسب فيسيون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري يا پرائيويٽ تعليمي ادارن کي پابت بڻايو وڃي ته جيئن ڳرين فيسين کان بچي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.